اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم يو اي اي سان پاڪستان جي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي گڏيل عرب امارات جي ڀائر عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ سنگين ??ورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم گڏيل عرب امارات پاران ٻوڏ متاثرين ??ي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ ان حوالي سان فضائي لنگهه قائم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا گذريل 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.
متعلقہ مضامین
-
UOL holds I-Day celebrations
-
75 Pakistanis moved to Rwanda from violence-hit Goma
-
Imran seeks report on KP cabinet’s performance
-
Karachi braces for heat as temperature expected to hit 39°C
-
Immunization Coverage: KP’s strategy to reach every child
-
Gem Salvation رسمی تفریحی داخلہ
-
Missing MH370: Possible Boeing 777 part found off Mozambique, sources say
-
Two bills referred to concerned committees
-
SC adjourns case regarding appointment of old age FST members
-
COAS praises NCTC, training sessions
-
Dr Taqi Butt to Challenge HEDs notification in LHC
-
Ayyan Ali can fly out of country