اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم سان گ??وگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم سان گ??وگڏ هنر سکڻ به ضروري آهي، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو، ب??لجندڙ گهرجن جي م??جب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار م??جب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪا??ياب جوان پروگرام تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين ۾ خصوصي ڊويزن جي قيام جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. خصوصي ڊويزن تحت مختلف يونيورسٽين ۾ ڪا??ياب جوان پروگرام جي تعاون سان راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنج خصوصي پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر تعليم سان گ??وگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تعليم سان گ??وگڏ لاڳاپيل هنر کي سکڻ به ضروري آهي ۽ ان سان معاشري کي فائدو پهچندو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪجهڙو تعليمي نصاب صرف پي ٽي آءِ جو نه پر ٻين پارٽين جو به نعرو هو تنهن هوندي به موجوده حڪومت ان نعري کي عملي جامو پارائڻ تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته ڪا??ياب جوان پروگرام جي حوالي سان عثمان ڊار جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اسڪولن، ڪا??يجن ۽ تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ هڪجهِڙي نصابي سرگرمين جو فرُوغ ضروري آهي. ان سان پاڪستان وٽ عالمي معيار م??جب رانديگر سامهون اچي سگهن ٿا. صدر ڪئريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ ملازمتن جي نوعيت بدلجي رهي آهي، ب??لجندڙ گهرجن م??جب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار م??جب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي ان سان گ??وگڏ تعليمي معيار کي به بهتر بڻائڻ ضروري آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ان حوالي سان يونيورسٽين کي رهنمائي فراهم ڪري سگهي ٿي. صدر چيو ته جيڪڏهن مارڪيٽ جي رفتار ۽ ملازمتن جي حوالي سان منصوبابندي نه ڪئي وئي ته ان سان اسان کي نقصان ٿيندو.
متعلقہ مضامین
-
Lesco chief engineer suspended over inefficiency
-
Sukkur-Hyderabad motorway to complete in 3 years: Ahsan Iqbal
-
FPCCI demands 500 bps interest rate cut as inflation hits nine-year low
-
Embassies celebrate Pakistan Day
-
کاک ٹیل نائٹ آفیشل تفریح لنک
-
Peshawar to get 100-bed drug cure hospital
-
Yadavs arrest indication of unconventional war, says army official
-
Biochemical weapons should not fall into wrong hands: Pakistan
-
Nawaz will be impregnable for Imran after CPEC: Asif
-
SC grants stay over schizophrenic convict Imdad Alis execution
-
SC report reveals evident lapses in govts anti-terror policy
-
No significant development in shale gas, oil pilot project